ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور تي ڪڪر ۽ نم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، صبح ۽ رات شهر ۾ بوندا باندی ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوا ۾ نمي 75 سيڪڙو آهي. سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن،










