اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر جو فيصلو پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ڪندو.هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ ٽڪيٽ جو حتمي فيصلو پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ڪندو.شازيه مري جو چوڻ آهي ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ نالن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.هن چيو ته پارٽي ۾ فيصلا ڪنهن جي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نه پر مشاورت سان ٿيندا آهن.هنن جو چوڻ آهي ته حتمي اعلان کان اڳ جو شور صرف سنسني پيدا ڪرڻ آهي.










