ڪراچي جي عوام لاءِ مرتضيٰ وهاب جي خوشخبري

ڪراچي جي عوام لاءِ مرتضيٰ وهاب جي خوشخبري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ڪورنگي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪارڊيالوجي انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن جو پيڙهه جو پٿر ايندڙ سومر ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رکندو. جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن بڌايو ته گلستان جوهر ۾ فلائي اوور جو ڪم به مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان جو افتتاح 23 مارچ تي ڪيو ويندو. ڪجهه ماڻهن جو مقصد هتي مايوسي پکيڙڻ آهي، پر ڄاڻي وٺو ته هو پاڻ مايوس ٿيندا هاڪاري شين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، ڏکئي صورتحال جي باوجود پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مثبت ڪم ڪري رهي آهي. عمراني ايجنڊا تباهي ۽ تخريبڪاري آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو منشور تعمير ۽ ترقي آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اين آءِ سي وي ڊي کي سنڌ حڪومت 2011ع ۾ سنڀاليو هو، اها اسپتال هاڻي ڪراچي کان وٺي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به قائم آهي، ڪوشش ڪئي هئي ته پر آءِ ايڇ ڊي کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. منفي سياست ڪئي وئي سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ٿيڻ وارا آهن. ڪورنگي ۾ 1200 بسترن تي مشتمل پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪارڊيالوجي اسپتال ٺاهي ويندي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 23 مارچ تي سنڌ جو وڏو وزير گلستان جوهر ۾ فلائي اوور جو افتتاح ڪندو. پهلوان ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم تيزي سان جاري آهي. سنڌ حڪومت پاران لياري ۾ چاڪيواڙ روڊ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي لياري ۾ ٽانري روڊ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڏکين حالتن جي باوجود عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. مالي مشڪلاتن باوجود پيپلز بس سروس جي سهولت شروع ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اها سهولت حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي عوام کي ڏني وئي. گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ پهريون پبلڪ سيڪٽر انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو پيو وڃي، جتي ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ ٿي سگهندي منصوبي جو افتتاح اپريل جي شروعات ۾ ڪيو ويندو تازو ئي آمريڪا مان عورت آئي ۽ گمبٽ ۾ مفت علاج جو فائدو ورتو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ساڍا چار ملين ڊالرن جي سائبر نائيف جي سهولت خريد ڪرڻ واري آهي. جناح اسپتال ۾ ٽي سائبر نائف جي سهولت هوندي، ملير ايڪسپريس وي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان جو پهريون مرحلو قيوم آباد کان ملير پل تائين هوندو. ان کي 14 آگسٽ تائين عوام لاءِ کوليو ويندو. نيشنل هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي لنڪ روڊ به اپريل ۾ عوام لاءِ کوليا ويندا. ڪوئلي مان 2660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. جنهن کي قومي گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ڪوئلي جو معيار سٺو آهي. ان مان پيدا ٿيندڙ بجلي کي جلد نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪيو وڃي، عوام کي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي جھمپير ۾ 1250 ميگاواٽ ونڊ ڪوريڊور بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. اسان کي هاڪاري ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ته جيئن قوم کي اميد ملي. پاڪستان ۾ نه رڳو ناڪاري شيون ناهن، صرف عمران خان جي ناڪاري سياست ناهي، عمران خان جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي. حافظ نعيم صاحب تمام گهڻو تڪڙو آهي، حافظ نعيم کي ميئر فوبيا ٿي ويو آهي، رڪارڊ تي آهي ته پارليامينٽ ۾ رڳو پيپلز پارٽي جو احتجاج آهي، ماڻهو روڊن تي ويهي احتجاج ڪري رهيا آهن. هنن پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ ۾ احتجاج نه ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته شفاف طريقي سان ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي، نادرا کي به شامل ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت کي اسان جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي. وڏي وزير وزيراعظم سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي اميد آهي ته جلد آدمشماري تي عمل ڪرايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو