ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪراچي ۾ برساتن کان متاثر ٿيندڙن کي فوري طور تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ۽ وفاقي حڪومت کي به هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي.گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي ۾ سبڪدوش ٿيندڙ آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربوم سان الوداعي ملاقات ڪئي.قونصل جنرل اسڪاٽ اربوم گورنر سنڌ سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ باهمي دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.گورنر سنڌ آمريڪي قونصل جنرل جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ساراهه جوڳو آهي. مختلف ملڪن جي قونصل جنرلن به ڊنر ۾ شرڪت ڪئي.آمريڪي قونصل جنرل تقرير ڪندي ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن گورنر سنڌ پاران کنيل قدمن جي به تعريف ڪئي.










