ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو: حافظ نعيم جو اعلان

ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو: حافظ نعيم جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو، مثبت تبديلي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.لاهور ۾ پنهنجي اعزاز ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي پاڪستان جو پئسو آهي، اتي جي عوام جماعت اسلامي کي مينڊيٽ ڏنو آهي، اوهان کي پنهنجي حق لاءِ اٿڻو پوندو. هن چيو ته اسان جو انگ اکر تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان پنهنجي مينڊيٽ کي چوري ٿيڻ نه ڏنو، اسان سمورين پارٽين کي سياسي جنگ وڙهڻ جي آڇ ڪئي آهي پر ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ جماعت اسلامي سان گڏ ڪم ڪرڻ سان آهي. حافظ نعيم چيو ته هاڻي ڪراچي جو حق ڪير به کسي نه سگهندو، پنهنجي اختيار کان وڌيڪ ڪم ڪنداسين، وڙهنداسين ۽ پنهنجو حق کسينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو