ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تان هيروئن سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪارروائي ڪندي ڪراچي کان جده ويندڙ مسافر جي سامان مان 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي هيروئن هٿ ڪري ورتي.ايئرپورٽ ذريعن موجب مسافر اختر خان پنهنجي ٽرالي بيگ ۾ مهارت سان هيروئن لڪائي رکي هئي، هو خانگي ايئر لائين جي اڏام اي آر 812 ذريعي جده وڃي رهيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر جي سامان جي تلاشي دوران 3 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي.اينٽي نارڪوٽڪس ذريعن موجب مسافر اختر جهان جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان سان آهي، مسافر کي منشيات سميت حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










