نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي خميس تي دير سان امتحاني پرچن جي ليڪ ٿيڻ وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو واعدو ڪيو، جيڪي سندس حڪومت جي ٽئين دور ۾ سڀ کان وڏي احتجاجي تحريڪ جو سبب بڻجي چڪا آهن.
مودي انسٽاگرام طرز جي هڪ فون رڪارڊنگ ذريعي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته امتحاني پرچا ليڪ ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وينديون. نوجوانن جي اڳواڻي ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل احتجاج بابت اهو سندس پهريون زباني ردعمل هو.
ساڳئي رات ڀارتي سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ، جيڪو احتجاج ڪندڙ شاگردن جي حمايت ڪري رهيو هو، حڪومت تي مطالبا مڃرائڻ لاءِ جاري پنهنجي 26 ڏينهن واري بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
تنهن هوندي به شاگرد اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته هو تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رکندا.
احتجاج ڇو ٿي رهيو آهي؟
هي احتجاج ڪاڪروچ جنتا پارٽي (CJP) نالي هڪ طنزيه آن لائين تحريڪ پاران منظم ڪيو ويو آهي، جيڪا هن سال مئي ۾ قائم ٿي هئي ۽ هاڻي امتحاني نظام ۾ بنيادي سڌارن ۽ تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ قومي پليٽفارم بڻجي چڪي آهي.
تازن مهينن ۾ امتحاني پرچن جي ليڪ ٿيڻ، ٽيڪنيڪل خرابين ۽ امتحان رد ٿيڻ وارن واقعن کان پوءِ عوام ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ٿي، جنهن کان پوءِ هي احتجاج شروع ٿيو.
احتجاج جو مرڪزي هنڌ جنتر منتر آهي، جيڪو نئين دهلي ۾ پارليامينٽ اسٽريٽ ڀرسان واقع 18هين صديءَ جي هڪ تاريخي فلڪياتي رسدگاهه آهي.
احتجاج ڪندڙ سومر کان پارليامينٽ اسٽريٽ جي مختلف حصن تي به ويٺل آهن، جتي ڪيترن ئي ماڻهن پارليامينٽ هائوس ۽ ڪناٽ پيلس کي ملائيندڙ اهم شاهراهه تي خيما هڻي ڌرڻو هنيو آهي.
هن هفتي جنتر منتر ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇڪتاڻ ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا. سومر تي پوليس احتجاج ڪندڙن کي پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڳوڙها گيس جا شيل فائر ڪيا ۽ لٺبازي ڪئي.
هيومن رائيٽس واچ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارتي حڪومت تي پوليس جي “ضرورت کان وڌيڪ طاقت جي استعمال” ۽ جنتر منتر واري علائقي ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
سي جي پي جا مطالبا هي آهن: تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي فوري استعيفيٰ؛ پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن؛ تازن امتحانن جي رد ٿيڻ کان پوءِ خودڪشي ڪندڙ 20 کان وڌيڪ شاگردن جي هر خاندان کي هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد ڏني وڃي.
سونم وانگچڪ بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي
ڀارتي سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ پڻ ڌرميندر پردھان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي 26 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺو هو، جيڪا هن خميس رات ختم ڪئي.
59 ورهين جي وانگچڪ ايڪس (X) تي لکيو ته “مختلف شرطن تي ڊگهين ڳالهين ۽ ملڪ ۾ ممڪنه تشدد کي نظر ۾ رکندي” هن پنهنجو روزو ختم ڪيو.
ڀارت جي صحت واري وزير جي پي نڊا ۽ مملڪتي وزير جتيندر سنگهه جي موجودگيءَ ۾ وانگچڪ کي پهريون ڍڪ پياريو ويو، جنهن سان سندس بک هڙتال ختم ٿي.
مودي جي جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (BJP) جي سوشل ميڊيا موجب، جي پي نڊا چيو ته حڪومت دهلي جي جنتر منتر ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن ۽ 20 جولاءِ 2026ع تي پارليامينٽ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ بابت مثبت رويو رکي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اڳ ئي پارليامينٽ ۾ پرچن جي ليڪ ٿيڻ ۽ امتحاني نظام جي سڌارن بابت تفصيلي بحث جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته تازن نيٽ (NEET) امتحاني پرچن جي ليڪ ٿيڻ سبب خودڪشي ڪندڙ شاگردن جي خاندانن کي مناسب معاوضو ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
نيشنل ايلجبلٽي ڪَم انٽرنس ٽيسٽ (NEET) ڀارت ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ قومي امتحان آهي، جنهن ۾ هر سال 20 لک کان وڌيڪ شاگرد شرڪت ڪندا آهن، پر گذريل پنجن سالن دوران ٽي ڀيرا ان جا پرچا ليڪ ٿي چڪا آهن، جن ۾ هن سال جو واقعو پڻ شامل آهي.
مودي ۽ ٻين اڳواڻن ڇا چيو؟
وانگچڪ جي بک هڙتال ختم ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ حڪومت جي ٻن سينيئر وزيرن ۽ سي جي پي جي ٻن اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون.
انهن ڳالهين کان پوءِ اميد پيدا ٿي آهي ته حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ ڪنهن حل ڏانهن وڌي سگهن ٿا، جڏهن ته هزارين نوجوان اڃا تائين ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ کي حڪومت جي جوابدهي لاءِ ضروري قرار ڏئي رهيا آهن.
مودي خميس ڏينهن ايڪس تي لکيو: “اسان جي نوجوانن جي ڀلائي ۽ مستقبل کان وڌيڪ اهم ڪا به شيءِ ناهي.” هن وڌيڪ چيو: “اسان فيصلو ڪيو آهي ته پرچا ليڪ ڪرڻ وارن کي تيز ۽ سخت سزا ڏيڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وينديون… جيڪي اسان جي نوجوانن جو مستقبل تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو.”
شاگردن جو ردعمل
خميس ڏينهن دهلي ميٽرو ريل ڪارپوريشن اعلان ڪيو ته نئين دهلي جون 16 ميٽرو اسٽيشنون ايندڙ اطلاع تائين بند رهنديون. ان تي سي جي پي جي باني صدر اڀيجيت ڊپڪي ايڪس تي لکيو: “مودي سڄي دهلي بند ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ڌرميندر پرڌان کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي.”
ڊپڪي جمعي ڏينهن به ڪيترين پوسٽن ذريعي پرڌان کي هٽائڻ جو مطالبو ورجايو. سي جي پي جي ترجمان آشوتوش رانڪا مودي جي فاسٽ ٽريڪ عدالتن واري اعلان کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو:
“فاسٽ ٽريڪ عدالتن جو اعلان اصل حل ناهي، اهو رڳو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. پرچا ان ڪري ليڪ نٿا ٿين جو ڀارت وٽ فاسٽ ٽريڪ عدالتون نه آهن، پر ان ڪري ٿين ٿا جو تعليم وارو وزير مڪمل طور نااهل ثابت ٿيو آهي.”
هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو؟
جمعي ڏينهن ٿيل ڳالهين کان پوءِ سي جي پي جي اڳواڻن چيو ته حڪومت کين ٻڌايو آهي ته ڇنڇر تي منجهند تائين ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ بابت سندن مطالبي تي جواب ڏنو ويندو.
ڀارتي حڪومت جي هڪ سينيئر وزير خميس ڏينهن چيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ هميشه تيار آهي، ڀلي اهي جيترو وقت وٺن، ۽ ان معاملي ۾ حڪومت “انا جو مسئلو” نه بڻائيندي.










