ڪاڇي ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي،خلق پريشان

ڪاڇي ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي،خلق پريشان

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ) ڪاڇي ۾ نئين گاج جي پاڻي سبب آيل تباهي تي ڪاڇي واسين تي سنڌ سرڪار جي ٺٺول ايم اين اي رفيق احمد جمالي ايف پي بند تي بيان جاري ڪري چيو ته ڪاڇي واسي ٻوڏ جي پاڻي ۾  انجواء پيا ڪن, جيڪو بيان بي سهارا ڪاڇي واسي ٻوڏ متاثرن جي ڦٽن تي مرهم بجاء لوڻ ٻُرڪڻ برابر ثابت جڏھن ته ڪاڇو نئين گاج جي ٻوڏ سبب انتهائي ڳنڀير صورتحال ۾ مبتلا آهي سوين ڳوٺن ۾ نئين گاج جي پاڻي داخل ٿيڻ سبب ماروئڙا هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل, کاڌ خوراڪ, اناج, مال متاع پڻ لڙھي ويا رستا بند ٿيڻ سبب هزارين ماڻھون معصوم ٻارن, ڳورهارين عورتن جون زندگيون خطري ۾ رستا بند ٿي وڃڻ ڪري کاڌ خوراڪ جون شيون ختم ٿي ويون دادو ضلعي انتظاميه ڊي سي دادو, تڪ جي ايم پي اي سماجي ڪارڪنن مان ڪوبه نظر نه آيو هزارين ماڻھون پاڻي ۾ ڦاٿل آهن جنهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاء دادو ضلعي انتظاميه ڊي سي ايم اين اي ايم پي ۽ جوهي تعلقي انتظاميه ڪي به گهربل انتظام نه ڪيا.

Photo Sindhyar

ڪاڇي ۾ هرطرف دانهون ۽ ڪوڪون پر نااهل سنڌ ۽ ڪابينا ڪاڇي کي گذريل سال آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود ڪابه مالڪي نه ڪئي ۽ ڪاڇي کي درد جو داستان بڻائي مزاقون ڪندا رهيا جڏھن ته سانوڻي جي مند جي پهرئين ڏينهن آيل تباهي, پر سڄو مهينو اڃا رهيل موسميات کاتي پاران طوفاني برساتن جي اڳڪٿين جي باوجود سرڪاري سطح ۽ نااهل ضلعي انتظاميه کي ڪاڇي ۾ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جو انتظار وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي اناپرستي ۽ ضد واري سياست ڪاڇي واسين تي مصيبت بڻجي وئي گاج بند ٻارنهن مهينن کان هٿ وٺي نه ٺھرائي هزارين ڪاڇي واسين جي زندگين جو سودو طئي ڪيو ويو آهي ڪاڇي واسين جي ووٽن تي عياشيون ڪندڙ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي پنهنجا ٻچا ۽ گهر پيارا پر ڪاڇي واسين کي پنهنجن ڪکائن گهرن مان ٻوڏ جي پاڻي مان بيدخل ٿيندي ڪابه ڪهل نه آئي.

Photo Sindhyar

هزارين ماڻھون زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل امڪاني برساتن سبب وڌيڪ تباهي جو خطرو روڊ رستا ٽُٽڻ سبب نڪرڻ جا سمورا گس بند ٿي ويا  شين جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي انساني زندگيون خطري ۾ ڪاڇي واسين پاران آرمي چيف, سپريم ڪورٽ, سنڌ هاء ڪورٽ کان گهر ڪئي آھي ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ سبب پاڪ آرمي جي نگراني ۾ ٽيمون موڪلي ماڻھن کي پاڻي مان ڪڍيو وڃي ۽ سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي لکين رپين جي فنڊز جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ڪاڇي کي وڌيڪ تباهي کا بچائڻ لاء هنگامي بنيادن تي گاج بند ٻڌو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو