گاج بند جي مرمتي ڪم لاء ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي

گاج بند جي مرمتي ڪم لاء ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي

ڊرگھ بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي جي علائقن ۾ تباهيون مچائيندڙ گاج بند جي مرمتي ڪم ڪرڻ لاء وفاقي سرڪار توڙي سنڌ حڪومت ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي علائقي واسين پاران گاج بند جي ٽُٽڻ کانپوء متاثر علائقن مان مٿانهين  وارن هنڌن ڏانهن منتقلي شروع, امڪاني برساتن جي خوف سبب وڏي پئماني تي علائقي مان لڏپلاڻ, شهرن ڏانهن منتقل خبر موجب ڪاڇي جي علائقن لاء خوف جي علامت بڻيل نئين گاج بند کي گذريل سانوڻي جي خطرناڪ ٻوڏن دوران پيل چار هزار ڦُٽن وارن گهارن کي بند ڪري نئين سر مرمت ڪرڻ لاء وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ڪي به انتظام نه ڪيا چار هزار ڦُٽن تائين پيل گهارن سبب پاڻي نئين گاج جي سمورن وهڪرن جو رُخ انساني آبادين ڏانهن ٿيل گذريل سال آيل خطرناڪ ٻوڏ کي اٺ مهينا گذرڻ باوجود علائقي واسين جي دلين مان خوف ختم ئي نٿيو ته وري سانوڻي مهيني ۾ ويجهڙائي ايندي ئي گذريل سال متاثر ٿيل ڳوٺن مان ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا جڏھن ڪافي ڳوٺن جا رهواسي علائقي جي مٿانهن علائقن ڏانهن نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته گذريل سال سانوڻي جي خطرناڪ ٻوڏن ۾ دادو ضلعي ۽ تعلقي جوهي جي ڪاڇي جي متاثر يوسيز ڊرگھ بالا, ڇني, واهي پانڌي ٽنڊو رحيم, ساوڙو کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ کانپوء هن وقت تائين ٽُٽل روڊن کي به مڪمل طرح بحال نه ڪيو ويو آهي, ٽُٽل گاج بند جي مرمت لاء متاثر علائقي واسين طرفان احتجاجن جو سلسلو به ھلندڙ آهي پر آبپاشي کاتي ۽ سنڌ حڪومت ايندڙ سانوڻي کان پهرين ٽُٽل گاج بند کي پيل گهارن جي مرمت جا هن وقت تائين ڪي به اُپاءُ نه ورتا آهن علائقي واسين وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو آھي ته انساني جانين لاء خطرو بڻيل نئين گاج بند جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرائي علائقي واسين جي جانين ۽ مال جي تحفظ خاطر گاج بند جي مرمت ڪرائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو