ڪامريڊ حسين جوڻيجو جي ٻي ورسي، لفظن جي ڀيٽا پيش

ڪامريڊ حسين جوڻيجو جي ٻي ورسي، لفظن جي ڀيٽا پيش

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ھن وقت سول مارشل لا آهي ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، 72 سالن جي رياستي دٻاءَ باوجود ھاري تحريڪ منظم آهي. اھا ڳالھ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ تاج مري سنڌ جاڳرتا فورم پاران ڪوٺايل ڪامريڊ حسين جوڻيجو جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ڳالھائيندي چئي. ھن چيو ته  اسان وٽ تنظيم جي ڪمي آهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تحريڪ ھلائي باباءِ سنڌ جو لقب ماڻيو ڪامريڊ حسين جوڻيجو پڻ ان جو تسلسل آھي. ھن وقت سماج ۾ انارڪي واري فلسفي وارو دور آهي ھن پارليامان دور ۾ ڪيئن سياست ڪيون اھو ڏانءَ اسان وٽ ڪونھي. ڪامريڊ حسين جوڻيجو پنھنجي ڪردار ۾ وڏو ماڻھو ھو. ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي صالح بلو چيو ته سمورو شھر ۽ تعلقو سڪرنڊ تحريڪن، انقلابن ۽ ايگريڪلچر وارو شھر آھي ڪامريڊ حسين قول ۽ ڪردار جو مالڪ ھو، ھو سدائين پنڌ ھلندو ھو ان جي ڪلھي تي پوتڙو ھوندو ھو جنهن ۾ نوٽ نه پر پمفليٽ ھوندا ھئا اسان ان کي مارڪ ٽيلي چوندا ھئاسين ھو ھاري ڪاميٽي سان سلھاڙيل شھيد نظير عباسي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي سوچ ڏانھن لاڙو رکندڙھو.

سڪرنڊ ۾ ٻه ھاري ڪانفرنسون ٿيون ۽ ڪامريڊ حسين ان جو سرواڻ ھو مخالفن سان به ان جا رويا بھتر ھئا ڪامريڊ حسين بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي پنهنجو ڪردار نڀايو. دانشور محمد صديق منگيو چيو ته اسين پنهنجي اندر جي انسان کان سوال ڪريون ٿا ته ڇا اسان زندھ به  آھيون ؟ زندھ اھي ماڻهو آهن جن جو ڪردار زندھ آهي  سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جو اسان جي مٿان اھو احسان آهي جنهن اسان کي نظرياتي طور سگھارا ماڻهو ڏنا جن ۾ ڪامريڊ حسين جھڙا ڪردار آهن ھي سياست ۽ نظريي سان محبت ڪرڻ وارا انسان ھئا اھي امر آهن جن سموري زندگي جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به  شڪايت نه ڪئي. اڳوڻي پ ٽ الف صدر غلام نبي ڪيريو چيو ته ڪامريڊ حسين کي غير معمولي ذھني ڏات قدرت وٽان مليل ھئي ڪامريڊ حسين جوڻيجو کي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ شھيد نظير عباسي جي صحبت نصيب ٿي جنهن ۾ ھو پچي راس ٿيو اسان سان ڳانڍاپو ڌرتي ۽ انسانيت ناتي ھو. ورسي تقريب کي صفت رند، عبدالقادر جيلاني، سرواڻ ڄام  حسين بخش ڪيريو، خير محمد چنا، جاويد عمراڻي، فيض ڪيريو، محمد ياسين خاصخيلي پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو