ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند)يونين ڪائونسل مويا جو ڪاليج گذريل 10 سالن کان نه ٺهي سگهيو ، سماجي تنظيم يوٿ ايڪشن ڪميٽي مويا ۽ شاگردن جي اڳواڻي ۾ ڪاليج جي بحالي لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پاسي سڄي سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳل آهي پر مويا شهر جو ڪاليج گذريل ڏهن سالن کان صرف بنياد تعمير ٿيو جنهن بعد رولڙي جو شڪار بنجي ويو آهي جنهن جي ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو آهي ۽ ڪاليج جو بنيادي ڍانچو به اجڙڻ شروع ٿي ويو آهي. ا هو ڪاليج اڄ جنگلات ۽ کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جڏهن ته تعلقي جا چونڊيل نمائيندا به انهي مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهن. ٻئي طرف يوٿ ايڪشن ڪميٽي مويا جي صدر امتياز علي باگراڻي چيو ته اسان وٽ تعليم جي نالي تي انوکو مذاق ٿي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مويا ڪاليج جو ڪم فوري طور شروع ڪرائي تدريسي عمل کي بحال ڪيو وڃي. ان موقعي تي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ غلام مصطفي باگراڻي ۽ ٻين چيو ته اسين وزيراعلي سنڌ، وزير تعليم کان گهر ٿا ڪريون ته مويا شهر جو ڪاليج مڪمل ڪرائي تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي ته جئين هتان جا شاگرد بهتر نموني تعليم حاصل ڪري سگهن.










