ڪاروڪاري تحت 103 عورتون ۽ 39 مرد قتل ڪيا ويا؛ رپورٽ

ڪاروڪاري تحت 103 عورتون ۽ 39 مرد قتل ڪيا ويا؛ رپورٽ

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ سهائي سٿ جي چيئرمين ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو، سرپرست اعليٰ پروفيسر ڊاڪٽر ادل سومرو، سرپرست ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ ، ايڊووڪيٽ رضوانہ ميمڻ، ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو، قانوندان هادي بخش ڀٽ، ڊاڪٽر عبداللطيف انصاري سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سهائي سٿ 2019 کان عورتن جي مسئلن تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنوري کان آڪٽوبر 2019 تائين جيڪي عورتون ۽ مرد ڪارو ڪاري جي تحت ماريا ويا آهن، معصوم نياڻين سان زيادتي جا ڪيس ٿيا آهن يا ڪجهه عورتون جن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي انهن کي سهائي سٿ يا ٻين هنڌان اطلاع ملڻ تي بچايو ويو آهي. جنوري کان کان آڪٽوبر تائين ڪارو ڪاري تحت 103 عورتون ۽ 39 مردن کي قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪيسن کي لڪايو وڃي ٿو. هن وقت سهائي سٿ طرفان جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن انهن ۾ سنڌ اندر 18 نياڻين کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه نياڻيون زيادتي بعد قتل ڪيون ويون آهن. سنڌ ۾ 21 عورتن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر علائقي واسين جي طرفان مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ انهن عورتن جي زندگي بچائي وئي. سهائي سٿ جي سروي مطابق هن وقت عورتن جي حوالي سان جيڪب آباد ضلعو تمام نازڪ آهي جتي ڪارو ڪاري جي حوالي سان سنڌ جون وڌ ۾ وڌ نياڻيون قتل ڪيون ويون آهن انهن عورتن جو تعداد 22 ، مردن جو تعداد 10 ٽوٽل قتل 32. هنن چيو ته شڪارپور ٻئين نمبر تي آهي جتي ڪارو ڪاري تحت 19 عورتون، 6 مردن جو قتل ڪيو ويو آهي. ڪشمور ضلعي ۾ 20 عورتون، 3 مرد ڪارو ڪاري جي تحت قتل ڪيا ويا. سکر ضلعي ۾ 11 عورتون، 1 مرد ڪارو ڪاري جي تحت قتل ڪيا ويا. گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 عورتون، 1 مرد ڪارو ڪاري تحت قتل ڪيا ويا. جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مجموعي طور تي 103 عورتون 36 مرد ڪارو ڪاري جي تحت قتل ڪيو ويو آهي. اسين هن وقت ڪجهه ڪيسن جي پيروي به ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته 8 سالن جي معصوم نياڻي سميه کوسو سان جوابدار محبوب بنگلاڻي زيادتي ڪئي سهائي سٿ نه صرف سميه جي علاج ۾ سندس ساٿ ڏنو پر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کان وٺي گرفتاري تائين ان جي خاندان سان گڏ رهياسين. خيرپور ضلعي جي نياڻي انيتا اوڏ، سکر ضلعي جي پنو عاقل جي مبارڪ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار صحبت اوڏ پنهنجي زال مينا تي گرم پاڻي هاري پوءِ سندس جسم تي ڳاڙها مرچ هاريا اطلاع ملڻ شرط ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان ڳالهايو ويو جنهن جي حڪم سان ايف آءِ آر درج ڪرائي وئي. شڪارپور جي ملوڪان شيخ  کي 60 سالن جي پوڙهي سان سندس والد نڪاح ڪرايو سهائي سٿ ڪورٽ ۾ ملوڪان سان گڏ هيو. پنوعاقل تعلقي جي بائيجي ٿاڻي جي حد ۾ افسانا سميجو سان سندس ئي ذات جي مولوي شفقت جي ڪيس ۾ به اسين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو