ٺل(عبدالنبي شيخ) رهبر چوڪ تي ٻرڙا ۽ سهندڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن مامري تان جهيڙو ٿي پيو،رهبر چوڪ وارو علائقو ميدان بڻجي ويو ۽ ڪيترائي شهري گڏ ٿي ويا جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب ذوالفقار ٻرڙو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ،اطلاع تي پوليس پهتي پر حملي آور ماڻهو فرار ٿي وياهئا،آخري اطلائن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي ۽ واقئي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي۔










