سنڌڙي (وفا يارمحمد) جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ دوسو کيراھو شاخ تي غيرقانوني قبضن خلاف پريس ڪلب آڏو آبادگار غلام رسول ڪيريو، ڪريم ڪيريو، نظير ڪيريو، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز شر، نور محمد مھر ۽ ٻين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته دوسو کيراھو تي بااثرن غيرقانوني طور دڪان ٺھرائي اڏاوتي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھڻ ۽ آبپاشي کاتي جي 55 فوٽن تي قبضو ڪرڻ جون دانھيون ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ کي به ڏنيون پر تنھن باوجود به ھن اسان کي صلاح مصلحت ڪرڻ جي ھدايت ڪري واپس روانا ڪري ڇڏيو. ھنن چيو ته ٻن ڏينھن ۾ قبضا نه ھٽيا ويا ته ڊائريڪٽر ڪئنال آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.










