ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب کنڊ جو هول سيل في ڪلو اگهه 5 رپيا وڌي 114 رپيا ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه 109 رپيا هو. هول سيل جي اگهه ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ کانپوءِ پرچون مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 120 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.










