سانگهڙ (ن سنڌيار)سانگهڙ ۾ برسات متاثرن جي سورن ۾ اضافو ، کاٽي نه ٿيڻ ڪري سم نالا ڀرجي ويا شھر جي پاڻي نڪرڻ جو آخري سھارو بہ ختم ، وڌيڪ برساتن سبب سم نالي جو پاڻي ۾ شھر ۾داخل ٿيڻ جو خدشو ، شھري سخت پريشان ٿي ويا آهن سانگهڙ شھر جا اڪثر علائقا سانوڻي جي برساتن سبب پاڻي سان ڀريل آھن جڏھن ته برساتي پاڻي نيڪال لاءِ سم نالن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر ڪيترن ئي سالن کان سم نالن جي صفائيءَ نہ ٿيڻ جي ڪري سم نالا ڀرجي ويا آهن ۽ شھر جي پاڻي نيڪال جو آخري سھارو بہ ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته سم نالن ۾ وڌيڪ برساتن پوڻ سبب سم نالو اٿلي سگھي ٿو يا سم نالي کي گھارو لڳڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي اھڙي صورتحال کي ڏسندي شھري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن سم نالي کي نقصان پھچڻ سبب سڄو پاڻي شھر ۾داخل ٿي سگھي ٿو ، ھوڏانھن ضلعي انتظاميا ۽ وزير اعلي جي فوڪل پرسن پڻ رڳو دورن تائين محدود آھن ڪٿي به ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري مشينري نظر نٿي اچي ياد رھي ته ساڳين سم نالن جي سانگهڙ شھر 2011 ۾ ڪيترائي مھينا پاڻي هيٺ رھيو ۽ شھري وڏي انگ۾لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا هئا










