کاٻي ۽ ساڄي ڌُر جو اصطلاح ڪٿان آيو؟

کاٻي ۽ ساڄي ڌُر جو اصطلاح ڪٿان آيو؟

سنڌيڪار: اثر امام

فرانس ۾ آيل 1789 واري انقلاب کانپوءِ فرانس جي اسيمبليءَ 1791 ۾ ملڪ جو نئون آئين ٺاهيو جنهن موجب بادشاهت کي مڪمل طور ختم ته نه ڪيو ويو پر بادشاه جي اختيارن کي محدود ڪري کيس آئين جو ماتحت بڻايو ويو. بادشاه پنهنجي وفادار فوج جي ذريعي انقلاب ۽ ان جي نتيجن کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو جنهن ڪري سندس خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا. اسيمبليءَ تڪڙ ۾ آئين منظور ڪري پنهنجو پاڻ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ نيون چونڊون ڪرايون. 1791 جي چونڊن ۾ آئين موجب اسيمبليءَ جي پراڻن ميمبرن حصو نه ورتو. نوان کٽي آيل اسيمبلي ميمبر گھڻا تڻا وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. اها اسيمبلي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جيڪي پنهنجي ويهڻ وارين سيٽن جي حساب سان ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر وارا سڏجڻ لڳا. ساڄي ڌُر وارا آئيني بادشاهت جي حق ۾ هئا جڏهن ته کاٻي ڌُر وارا مڪمل جمهوريت جي حق ۾. انهن ڏينهن کان وٺي اهي اصطلاح سياسي اصطلاح بڻجي ويا. ساڄي ڌُر منجهان اهي ماڻهو مراد ورتا ويندا آهن جيڪي سماج کي جيئن جو تيئن رکڻ، ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏڻ چاهيندا آهن. معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ڍانچي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديليءَ جا زبردست مخالف هوندا آهن. سماج ۾ ٿيندڙ ارتقا ۽ ترقيءَ جي قوتن جي خلاف جنگ جاري رکندا آهن. ان جي ابتڙ کاٻي ڌُر جي اصطلاح منجهان مراد اهي ماڻهو ورتا ويندا آهن جيڪي سماجي بهتري لاءِ بنيادي تبديلن جا حامي ۽ ان لاءِ جاکوڙيندڙ هوندا آهن. اهي معاشري جي ترقيءَ جي هڪ وک اڳتي وڌائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. جڏهن تاريخ جي عالمن سموري تاريخ تي نظر وڌي ته کين هر دور جي هر معاشري ۾ اهي ٻئي قوتون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نظر آيون. عالمن هر دور ۾ کاٻي ڌُر وارن جي جاکوڙ جي نتيجي ۾ ٿيل ترقيءَ جا نشان ڳولي لڌا. انسان غارن ۾ رهندو هئو ۽ جانورن جو ڪچو گوشت کائي گذران ڪندو هئو. جڏهن انسان باهه ٻارڻ سکي ورتي ۽ درياهن جي ويجهو آباد ٿيڻ شروع ڪيائين ته تمدن جو زمانو به شروع ٿيو. ماڻهو قبيلن جي صورت ۾ گڏ رهڻ لڳا. وڻن جي پنن بدران ڪپڙي سان پنهنجو بُت ڍڪڻ لڳا. پوکي راهيءَ واري زماني ۾ ئي گھڻن قبيلن گڏجي هڪ وڏي سلطنت جو روپ وٺڻ شروع ڪيو ۽ قبيلن جي ميڙ منجهان سڀ کان وڌيڪ طاقتور قبيلي جي سردار کي پنهنجو بادشاهه بڻائي ڇڏيائون. ملڪن وجود ورتو ته ملڪن جا مالڪ يعني بادشاهه به سامهون آيا. ان زماني ۾ به معاشري ۾ ٻه ڌُريون هيون. هڪ اها جيڪا پراڻي قبائلي نظام کي قائم رکڻ لاءِ ضد ٻڌيون بيٺي هئي ته ٻي وري اها جيڪا مختلف قبيلن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ وڏي سلطنت ٺاهڻ جي حق ۾ هئي. انهن ۾ جيڪي قبائلي سرشتي کي ئي قائم رکڻ جا حامي هئا سي پنهنجي دور جا ساڄي ڌُر وارا جڏهن ته ان جي ترقي ۽ تبديلي چاهيندڙ کاٻي ڌُر وارا ٿيا. اهو زرعي سماج 10 هزار سالن تائين قائم رهيو. ۽ پوءِ 19 هين صديءَ ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. جنهن زرعي معاشري جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون. وڏا وڏا ڪارخانا کوليا ويا. آمريتن جي جاءِ تي جمهوريت آئي. نوابن ۽ جاگيردارن کي هٽائي سرمائيدارن اقتدار تي قبضو ڪيو. وڏي پئماني جي صنعتن گھريلو صنعتن جو باب بند ڪري ڇڏيو. ايجادن جي رفتار تيز ٿي وئي. سائنس جي روشنيءَ جهالت جي اوندهه کي ختم ڪري ڇڏيو. عوام سجاڳ ٿيو. وٽس پنهنجي حقن جي حفاظت جو جذبو پيدا ٿيو. ماڻهو ووٽ جي ذريعي پنهنجي حڪمرانن جي چونڊ ڪرڻ لڳا. ان وقت به انهن معاشرن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو موجود هئا. هڪڙا اهي جيڪي پراڻي بادشاهت واري نظام جا حامي هئا ۽ ٻيا اهي جيڪي جمهوريت جا حامي هئا. بادشاهت ۽ جاگيرداريءَ جا حامي ساڄي ڌُر وارا هئا جڏهن ته صنعتي ۽ جمهوري نظام جا حامي ان دور جا کاٻي ڌُر وارا هئا. انگلينڊ ۾ بادشاهه چارلس پهرئين ۽ عوام جي چونڊيل نمائندي ڪرامويل وچ ۾ زبردست جنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار جمهوريت پسندن جي فتح ٿي. بادشاهن جا تخت اونڌا ٿيندا ويا. انهيءَ دور ۾ فرانس ۾ به انقلاب ٿيو. اهي سموريون تبديليون پنهنجي دور جي کاٻي ڌُر جي تحريڪن جي جدجهد جي نتيجي ۾ ئي آيون هيون. ڇاڪاڻ ته صنعتي انقلاب انساني زندگي، ان جي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي انداز، معيشت ۽ سياست کي بنهه بدلائي ڇڏيو هئو سو تاريخ وري هڪ ٻيو رخ ورتو. ان سرمائيداراڻي جمهوريت ۾ وڏيرا ۽ سرمائيدار پورهيتن جي ڏکن سورن جا نوحا پڙهي، پاڻ کي سندن همدرد ۽ هڏ ڏوکي ڄاڻائي انهن جا ووٽ وٺي اقتدار ماڻڻ لڳا ۽ اقتدار ماڻڻ کان پوءِ غريب پورهيتن کي چيڀاٽڻ ۽ ايذائڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ لڳا هئا کين اڻ پڙهيو ۽ بي خبر رکندا هئا جنهن ڪري هڪ ڀيرو وري کاٻي ڌُر جي هڪ نئين تحريڪ جنم ورتو. پورهيتن اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. اشتراڪي معاشرو قائم ٿيو. جنهن جو بنياد معاشي انصاف تي رکيو ويو. پورهيو استحصال کان جڏهن ته پورهيت جبري پورهيي کان آزاد ٿيو. تعليم عام، مفت ۽ سڀني لاءِ برابر بڻجي وئي. انساني صلاحيتون ذاتي مفاد ماڻڻ لاءِ نه پر مجموعي عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب اچڻ لڳيون. انساني تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته کاٻي ڌُر هميشه ۽ هر دور ۾ سوڀاري ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته انسان اڄ به غارن ۾ رهي رهيو هجي ها. تاريخ اهو پڻ ثابت ڪيو آهي ته اڄ تائين جيڪي به تبديليون ٿيون آهن سي کاٻي ڌُر جي ڪري ئي وجود ۾ آيون آهن. جن قوتن تاريخ جي ڦيٿي کي روڪڻ چاهيو آهي انهن هميشه هارايو آهي. جڏهن ته تاريخ جون سهڪاري قوتون سدائين ڪامياب ٿينديون آيون آهن. جيڪڏهن کاٻي ڌُر نه هجي ها ته دنيا جي تاريخ به نه هجي ها. اهو اُهو سفر هئو جيڪو کاٻي ڌُر اڄ تائين طئي ڪرائيندي رهي. پر ڇا پاڪستان اندر کاٻي ڌُر موجود آهي؟ پاڪستاني معاشرو اڌو گهاٻرو جاگيرداراڻو ۽ ڪجهه سرمائيداراڻو آهي. هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريز سرڪار جو پيدا ڪيل جاگيردار طبقو اقتدار ۾ آهي. عوامي قوتون پنهنجي سياسي حقن لاءِ انگريز سرڪار کان ورثي ۾ مليل فوج ۽ نوڪرشاهيءَ جي خلاف جنگ جوٽيون پيون اچن. ان صورت حال ۾ اسين چونداسين ته فوجي راڄ ۽ جاگيرداريءَ جون حامي قوتون پاڪستان جي ساڄي ڌُر آهن جڏهن ته عوام جا سياسي ۽ معاشي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهيءَ جي خلاف جھيڙيندڙ قوتون جيڪي پاڪستان کي غريب عوام جي لاءِ هڪ فلاحي رياست بڻائڻ گھرن ٿيون. جيڪي ملڪ اندر صنعتي انقلاب آڻي بيروزگاريءَ جو خاتمو ڪرڻ چاهين ٿيون. جيڪي ملڪ کي خود مختار  ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهين ٿيون. تعليم جي سهولت مفت ۽ عام ڪرڻ گھرن ٿيون سي پاڪستان جي کاٻي ڌُر آهن. جيڪڏهن اوهان وطن سان محبت ڪندڙ، انسان دوست ۽ پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي سياسي ۽ معاشي حقن جي بحالي چاهڻ وارن منجهان آهيو ته يقينن اوهان جي دل به “کاٻي” پاسي ڌڙڪندي هوندي.(هي مضمون واٽس ايپ تان کنيو ويو آهي ۽ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجي ٿو، ليکڪ جو نالو نه هيو صرف ترجمو ڪندڙ جو آهي….ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو