ڳاڙھو (علي رضا پيروزاڻي) سنڌو درياء جي ڇوڙ واري هنڌ کاروڇاڻ وٽ ٻن سالن کان پوءمٺي پاڻيء جوريلو پهتو، ماڻھن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون. گزريل رات کان شروع ٿيل سانوڻي جي برسات جو سلسلو سومر ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن سبب بجلي بند آهي ۽ سولس سسٽم به ڪم نٿو ڪري. مٺي پاڻي جي ريلي اچڻ ۽ برسات بعد لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻھن پنهنجا لڏا واپس آڻڻ شروع ڪيا آهن. کاروڇاڻ ٻاٻيو جي ٻيٽن تي ساريون ۽ سبزين جي پوک جاري، ڪراچي ۽ ٻين شھرن ڏانهن پاڻي جي تلاش ۾ ويندڙ ملاحن جون پڻ واپس اچڻ جون وايون، ٻہ مهنيا سامونڊي ڌنڌي تي بندش ھجڻ، سخت ڏڪارواري حالت ۾ فاقا ڪشي واري زندگي گذاريندڙ کاروڇاڻ جا ملاح مٺي پاڻي اچڻ تي سنڌ جي سوکڙي پلومڇي جو شڪارڪري، اٽي سيرڇڏائڻ لڳا. کاروڇاڻ ۾ پاڻي اچڻ جي خوشي ۾ ميلا ملاکڙا جاري، ماهگيرن مٺي پاڻيء جي خوشيء ۾ دهل وڄائي جهمريون هنيون. ملڪي سياحن مقامي مهمانن ۽ پلو مڇي جي شوقينن جو وڏي انگ ۾ کاروڇاڻ ڏانهن رخ، سنگهارمال وس تي ڪاهي کارو ڇاڻ پهتا هرطرف چنگن جي چونگار ۽ دهلن جي ڌڌڪار آهي.










