ڏوهن ۾ اضافي جو اعتراف،وسيلن جي کوٽ آهي: آءِ جي سنڌ

ڏوهن ۾ اضافي جو اعتراف،وسيلن جي کوٽ آهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڏوهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، پوليس وٽ وسيلن جي کوٽ به آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جا وسيلا وڌائڻا آهن، حڪومت اسان سان سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته اسان پنهنجون سفارشون حڪومت کي موڪلي ڇڏيون آهن، اسان جي تربيت ۽ ڀرتي واري عمل کي بهتر بڻايو وڃي.آءِ جي سنڌ چيو ته عدالت جاچ کي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.غلام نبي ميمڻ چيو ته عدالت پوليس ۽ پراسيڪيوشن ۾ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو