لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻي جي عدالت پاران ڍل جون ڪوڙيون رسيدون ڪڍڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ ئي جوابدار کي 12 ڪيسن ۾ 18 سال قيد جي سزا سميت هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج پاران ڍل جون ڪوڙيون رسيدون ڪڍڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي روينيو کاتي جي تپيدار سرفراز ڪٽپر کي 12 ڪيسن ۾ 18، 18 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته جوابدار سرفراز ڪٽپر مٿان سال 2013 ۽ 14 دوران ڍل جون ڪوڙيون رسيدون ڪڍڻ جا 12 ڪيس اينٽي ڪرپشن ٿاڻي شڪارپور تي سرڪار جي فرياد تي داخل ٿيا هئا جن ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذري. جڏهن ته ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت سڳوري پاران اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو.










