ڌمڪي واري خط تي ڪنهن تي شڪ نه ڪريو: سلمان خان

ڌمڪي واري خط تي ڪنهن تي شڪ نه ڪريو: سلمان خان

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي چُل بل پانڊي سلمان خان پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته کيس ڌمڪي واري خط تي ڪنهن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته سندس ڪنهن سان به دشمني ناهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو ته سندس ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي ۽ نه ئي ڪينيڊين سان تعلق رکندڙ گينگسٽر گولڊي بار کي سڃاڻي ٿو، جنهن گلوڪار ۽ سياستدان ساڌو موسيٰ والا تي حملي جي دعويٰ ڪئي هئي.سلمان خان چيو ته ”مون کي اهو خط نه مليو آهي، منهنجي پيءُ کي اهو خط صبح جي سير دوران مليو آهي، منهنجي ڪنهن سان ڪا تازي دشمني ناهي، منهنجي ڪنهن تي شڪ ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي.اداڪاره جو چوڻ هو ته تازو منهنجي ڪنهن سان به جهيڙو ناهي ٿيو ۽ نه ئي مون کي ڪو به ڌمڪي وارو ڪال يا پيغام مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو