ٽنڊوباگو ( رپورٽ سھيل سمون) آپگھات جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻن نوجوانن ڦاھو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ترائي شھر جي رھواسي 20 سالن جي نوجوان شاھد عرف لالو عمراڻي وڻ ۾ ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو ـ ياد رهي ته نوجوان جي ڪجهه ڏينھن ۾ شادي ٿيڻ واري ھئي ـ ٻئي واقعي ۾ پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ ڀڳو ڪولهي جو رهواسي تيرٿ ڪولھي انب جي وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري ڇڏيو آپگھات جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آھي.










