لاهور(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ستاره پاڪستان سان نوازيو ويو آهي.27 مئي تي ڊيرن سيمي طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ مختصر وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ کيس شلوار قميص ۾ گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺو وڃي.هن مختصر وڊيو جي ڪيپشن ۾ ڊيرن سيمي لکيو ته: اندازو لڳايو اڄ مان ڇا حاصل ڪرڻ وارو آهيان. بعد ۾ هن ٽوئٽر تي هڪ ٻي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس ستاره پاڪستان سان نوازيو پيو وڃي. اهو ڊيرن سيمي کي پنهنجي وطن سينٽ لوشيا ۾ ڏنو ويو.ڊيرن سيمي لکيو ته ها اهو مان آهيان جنهن کي ستاره پاڪستان سان نوازيو پيو وڃي، مون کي تمام گهڻو فخر آهي.










