ڊي سي ويسٽ ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم مختلف بچت بازارن جو دورو

ڊي سي ويسٽ ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم مختلف بچت بازارن جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ غلام قادر ٽالپر پنهنجي ضلعي ۾ قائم مختلف بازارن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي بشير خان پڻ پنهنجي ٽيم سان گڏ موجود هو. کاڌي پيتي جي شين جي معيار ۽ بچت بازارن ۾ سرڪاري اگهن تي وڪرو جو جائزو ورتو.. ڊپٽي ڪمشنر اولهه ضلعي غلام قادر ٽالپر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي بشير خان وڌيڪ اگهن تي وڪرو ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جون غير معياري شيون رکڻ مختلف دڪانن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم کاڌي پيتي جي شين جي صفائي جو به جائزو ورتو. واضح رهي ته بچت بازارن جو دورو چيف سيڪريٽري سنڌ، خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر جي هدايتن تي ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو