ٺٽو (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين اوور سائيٽ ڪميٽي غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ موجود اسڪولن جا عادي غير حاضر ۽ مفرور استادن جي خلاف ڪارروائي سميت سھولتن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جو جائزو وٺڻ بابت گڏجاڻي منعقد ٿي – جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري ، چيف مانيٽرنگ آفيسر اوم پرڪاش، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري نصير احمد ميمڻ ،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عبدالرحيم سومرو کان علاوه ايجوڪيشن ورڪس، لٽريسي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ٺٽو سيد فدا حسين شاهه ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي – ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو ته تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ ٻار ھن قوم جا معمار آھن، تمام کاتن کي عوامي خدمتن خاص طور بھتر تعليم جي فراهمي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو – ان موقعي تي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊي اي او سيڪينڊري ٻڌايو ته 78 مفرور ۽ عادي غير حاضر استادن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته ھڪ ھفتي اندر انھن خلاف ڊپارٽمينٽينل ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي – گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 106 عادي غير حاضر ۽ مفرور استادن خلاف گذريل فيصلي تحت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي خط موڪليو ويندو ته جيئن انهن خلاف مختلف قسم جون ڪارروايون عمل ۾ آڻي سگھجن، ان کان علاوه ڊي اي او پرائمري کي پابند ڪيو ويو ته 256 ٻين عادي غير حاضر استادن کي فوري طور تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي – گڏجاڻي ۾ ضلعي جتي به اسڪولي عمارتن جي تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيو آهي انهن اسڪيمن بابت ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن کي انڪوائري لاءِ خط موڪلڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو – ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايڪسيئين ايجوڪيشن ورڪس کي ھدايت ڪئي ته ھو ھفتي اندر ضلعي جي تمام زبون حال اسڪولن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن ته جيئن انهن کي فوري مرمت تزئين و آرائش بابت وڌيڪ حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي – ھن کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ته نيون تجويز ڪيل اسڪيمن جي فھرست پڻ چيف مانيٽرنگ آفيسر کي پيش ڪئي وڃي ته جيئن تصديق ڪري سگهجي – ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھو مختلف اسڪولن جي دورن کي يقيني بڻائين ۽ جاري پروفارما جي تحت پنهنجي رپورٽ پيش ڪن – ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ھلندڙ برساتن سبب متاثر اسڪولن کي خيمن جي فراهمي بابت پي ڊي ايم جو خط موڪليو ويندو ته جيئن ٻارن جي تعليم متاثر نه ٿي سگهي – ان کان اڳ تمام واسطيدار کاتن جي عملدارن اسڪولي عمارتن جي صورتحال ۽ ٻين معامرن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني










