ڪراچي(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ڪراچي راجا طارق حسين چانڊيو جي حڪم تي اي سي گلزار هجري جي نگراني ۾ غيرقانوني طور پاڻي چوري ڪرڻ لاء لڳايل هائيڊرينٽ کي هيوي مشينري جي مدد سان ڊاهي پٽ ڪيو ويو .پاڻي چوري ڪندڙ مافيا خلاف سخت آپريشن شروع ڪيو ويندو ڊي سي ايسٽ راجا طارق حسين چانڊيو ڪراچي گلشن اقبال سب ڊويزن گزار هجري ۾ ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ راجا طارق حسين چانڊيو جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گلزار هجري نديم کوکر جي نگراني ۾ ڪراچي واٽر بورڊ عملدارن ۽ پوليس جي مدد سان ڪاروائي ڪندي پاڻي چوري لاء لڳايل هڪ غير قانوني هائيڊرينٽ کي هيوي مشنيري ذريعي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان حوالي سان ڊي ايسٽ راجا طارق حسين چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل غير قانوني هائيڊرينٽ ذريعي روزانو 4000 گيلن جا 30 ٽينڪر ڀري پاڻي وڪرو ڪيو ويندو هو جنهن خلاف ڪاروائي ڪندي غير قانوني پاڻي چوري واري هائيڊرينٽ کي ختم ڪيو آهي ڊي سي ايسٽ راجا طارق حسين چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاء ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ سرڪار جي هدايتن تي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي جنهن جي اڄ شروعات ڪئي آهي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي قدرتي نعمت آهي جنهن تي سڀني ماڻهن جو حق آهي ڪنهن به غير قانوني پاڻي چوري ڪندڙ مافيا کي معاف نه ڪيو ويندو.










