بدين(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي جي سمورن ترقياتي اسڪيمن جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪن جڏهن ته لاڳاپيل عملدار نگراني جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائي ۽ اسڪيمن جو پاڻ دورو ڪن ۽ اسڪيمن ۾ اعلي معيار جو مٽريل استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان بدين ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو رين ايمرجنسي جي مطابق پلان جوڙين جڏهن ته صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ لڳل سمورن فلٽر پلانٽس ۽ آر او پلانٽس کي فعال ڪيو وڃي ۽ جتي فلٽر تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي اتي فوري طور تي فلٽر تبديل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ وارن تلائن جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ اڳ آر او پلانٽس ۽ فلٽر پلانٽس جون 78 هلندڙ هيون جڏهن ته هن وقت ضلعي ۾ ڪل 105 اسڪيمن مان 88 اسڪيمون فعال ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي صوبائي بلڊنگز جي عملدارن ٻڌايو ته عمارتن جي ڪل 18 اسڪيمن مان 13 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 5 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جيڪي جلد مڪمل ڪيون وينديون، اجلاس ۾ روڊ کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته سمورين اسڪيمن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو ته هو جلد انهن اسڪيمن جو دورو ڪري انهن جو معائنو ڪندو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II وقار احمد ڪلوڙ، ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز انجنيئر عبدالسلام ميمڻ، ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جي انجنيئر رياض احمد شيخ، ورڪس اينڊ سروسز کاتي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، پراونشل بلڊنگز جي انجنيئرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان بعد ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر بدين جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي آفيس جو افتتاح ڪيو.










