ڊي سي اسلام آباد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڊي سي اسلام آباد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شهريار آفريدي ۽ شاندنا گلزار جي غير قانوني گرفتاري واري ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شهريار آفريدي ۽ شندانا گلزار جي ايم پي او کي حڪم ڏيڻ تي صدر، ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ، سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) آپريشنز ملڪ جميل ظفر، ايس پي فاروق امجد بٽر به پنهنجي وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا، عرفان نواز ميمڻ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.ايڊووڪيٽ ڊي سي راجا رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ماءُ سان عمري تي وڃڻو آهي،جسٽس بابر ستار سوال اٿاريو ته ڊي سي عدالت کي ٻڌائڻ کانسواءِ پرڏيهه ويو؟ وڪيل چيو ته ان جي ماءُ چيو هوان ڪري عرفان نواز ميمڻ هاڻي خيرپور ۾ آهي. جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته ڪالهه عدالت عرفان نواز ميمڻ جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور نه ڪئي. ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد کي ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو