شڪارپور (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر پاران شھر جي مسئلن جي حل لاءِ شڪارپور بچايو تحريڪ ۽ ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن جو گڏيل اجلاس گھرائي ورتو شھري اتحاد پاران مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا غيرقانوني قبضن، سبزي منڊي ، بس اسٽينڊ ۽ مينھن جا واڙا، بجلي جي لوڊشيڊنگ ، امن امان، روينيو کاتي ۾ ڪرپشن، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت مسئلا پيش ڪيا. تفصيل موجب: اجلاس تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪيو ويو جتي ڀارت ۾ نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر پاران شڪارپور بچايو تحريڪ ۽ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور، چيف ميونسپل آفيسر، پبلڪ هيلٿ انجنيئر، ايجوڪيشن ورڪس، فوڊ ڪنٽرولر اٿارٽي، زونل مئنيجر سئي سدرن گئس ڪمپني، ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ، ڊي ايڇ او ھيلٿ، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ٽريفڪ پوليس سميت مختلف کاتن جي سربراهن شرڪت ڪئي ان موقعي شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني اجلاس ۾ شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا شڪارپور ۾ نه بجلي آھي نه سئي گئس 18 ڪلاڪ غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، روينيو کاتي سٽي سروير آفيس ۽ مختيارڪار آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي بغير رشوت جي ڪو به ڪم نه پيو ٿئي، ميونسپل ڪاميٽي غيرقانوني قبضن خلاف ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي ٻئي پاسي بس اسٽينڊ، سبزي منڊي ۽ مينھن جا واڙا 15 سال گذري ويا شھر کان ٻاھر منتقل نه پيا ڪيا وڃن، سول اسپتال شڪارپور ۾ 22 ڊاڪٽر ويزا تي ويل آھن ڊيوٽي ڪرڻ لاء تيار ئي ناھن دوائون جي کوٽ آھي سفارش تحت چند ماڻھن کي دوائون ملن ٿيون سول اسپتال اندر ايڪسري، ليبارٽري ۾ ٽيسٽون ۽ رت ڪڍرائن جا جا پيسا وصول ڪيا وڃن ٿا، شڪارپور جو ميگا ڊرينيج پروجيڪٽ 17 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه پيو ٿي شھري وڏي عذاب کي مونھن ڏئي رھيا آھن ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر پاران لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي فوري طور تي مسئلا حل جو ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، تازا غيرقانوني قبضا فوري طور تي ختم ڪيا ويندا، شھر لاءِ ميگا پروجيڪٽ جو سوچيون پيا جنھن جي منظور ٿيڻ سان شھر خوبصورت ٿي ويندو روينيو کاتي ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر کي انڪوائري ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته سول اسپتال اندر جيڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ڪندو يا غفلت ڪندو انھن خلاف ايڪشن کڻايو ويندو ان موقعي قاري مجيب الرحمان مدني ، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو ، اسد الله سومرو ، احسان جيھو ، ميان ظفر علي علوي، علي احمد ٻرڙو ، عبدالوهاب ڪاغذي ، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه ، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، افضل حسين مغل، حاجي سميع الله شيخ ، ارشاد آرائين ، اعجاز ڪاڪيپوٽو، عبدالغفور دايو، پروفيسر پرڪاش لعل ۽ فضل الله نوراني شرڪت ڪئي.










