ڊي جي ايم اوز جو رابطو، جنگ بندي برقرار۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق

ڊي جي ايم اوز جو رابطو، جنگ بندي برقرار۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ هندستان جي ڊائريڪٽر جنرلز آف ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) اربع ڏينهن منجهند هڪ هاٽ لائن ڪال ڪئي، جيڪا جنگ بندي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيون رابطو هو، آمريڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي ڪوششن سان جنگ بندي ممڪن ٿي. ٻنهي ڊي جي ايم اوز زميني صورتحال تي بحث ڪيو.جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن کان ڪال جي تفصيل عام نه ڪئي وئي، باخبر ذريعن اربع جي شام ٻڌايو ته ٻئي ملڪ جنگ بندي برقرار رکڻ ۽ ‘اسٽٽس ڪو’ برقرار رکڻ تي متفق ٿيا آهن جيئن اڳئين ڪال (جيڪو سومر تي ٿيو) ۾ اتفاق ڪيو ويو هو.پرڏيهي آفيس جا ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ترجمان، سفير شفقت علي خان، اڄ ان حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.ان دوران، سفارتي ذريعن هن نمائندي کي ٻڌايو ته دنيا جا ڪيترائي اهم گاديءَ وارا ملڪ ٻنهي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ انهن تي زور ڏئي رهيا آهن ته اهي تڪرار وڌائڻ کان پاسو ڪن ۽ باضابطه ۽ اعليٰ سطحي ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد اعتماد سازي جا قدم (سي بي ايم) کڻن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آهن. پاڪستان جي ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ۽ هندستان جي اجيت دوول تي مشتمل قومي سلامتي صلاحڪارن (اين ايس اي) جي سطح تي هڪ ملاقات متوقع آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي وچ ۾ ابتدائي ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. ٻئي شخصيتون هڪ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪري سگهن ٿيون جيڪا سياسي سطح تي “جامع ڳالهه ٻولهه” کي بحال ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي، جيئن ماضي ۾ ڪيترن ئي سالن کان اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي ٿيندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو