ڊوائيز هولڊرن خلاف عورتن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو

ڊوائيز هولڊرن خلاف عورتن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۾ ڊوائيز هولڊرن خلاف عورتن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو. خبر موجب ٽنڊوباگو جي ڊگري ڪاليج مير غلام محمد ٽالپر ۾ قائم ٿيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينئر تي ڊوائيز هولڊرن پاران ڪٽوتي نه ٿيڻ ڪري، سروس نه هئڻ جو بهانو بنائي مستحق عورتن کي رقم نه ڏيڻ واري عمل خلاف مستحق عورتن ۽ سندن وارثن پاران سجاد، آمنا ملاح، مريم ۽ سومار جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو بدين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايڇ او ٽنڊوباگو پهچي مستحق عورتن کي پئيسا ڪڍرائي ڏيڻ جي يقين دهاني تي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو