ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ڀيڻ فوت، پيءُ زخمي، 7 ڊمپر ساڙجي ويا

ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ڀيڻ فوت، پيءُ زخمي، 7 ڊمپر ساڙجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ راشد منهاس روڊ تي هڪ ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ فوت ٿي ويو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب، ڀيڻ ۽ ڀاءُ اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ 22 سالن جي ماه نور ۽ 14 سالن جي علي رضا طور ٿي آهي.ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿيل ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو پيءُ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.حادثي کان پوءِ شهري مشتعل ٿي ويا ۽ ست ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي. موٽرسائيڪل کي ٽڪرائيندڙ ڊمپر ڊرائيور کي تشدد ڪرڻ کان پوءِ انهن کيس پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.حادثي کان پوءِ راشد منهاس روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڊمپر کي ساڙڻ جي الزام ۾ 10 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊمپر ڊرائيور ايسوسيئيشن باهه لڳڻ خلاف احتجاج ڪندي سهراب ڳوٺ کان روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي وهڪري سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڊمپر ڊرائيور ايسوسيئيشن نيشنل هاءِ وي کي بلاڪ ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر حاجي لياقت محسود دعويٰ ڪئي ته حادثو ٽينڪر سان ٽڪرائجڻ سبب پيش آيو ۽ ڪاوڙيل ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي. هن چيو ته 7 ڊمپر کي ساڙڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو