ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي سينئر اداڪاره صباحت بختياري چيو آهي ته جيڪڏهن ڊرامن جي سيٽس تي حدود ۽ آداب جي دائري ۾ رهندي خوشگوار فلرٽنگ ڪئي وڃي ته ان سان سيٽ جو ماحول خوشگوار ٿئي ٿو.هڪ پوڊڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي هن چيو ته سيٽ تي مثبت انداز ۾ پسنديدگيءَ جو اظهار يا تعريف ڪرڻ سان آرٽسٽن وچ ۾ بهتر هم آهنگي ۽ دوستي قائم ٿئي ٿي، جنهن جو مثبت اثر اسڪرين تي نظر ايندڙ ڪيمسٽريءَ تي پوي ٿو. هن واضح ڪيو ته هوءَ پاڻ فلرٽ ڪندڙ شخصيت ناهي پر ٻين جي سٺي اخلاق ۽ مثبت رويي جي سچي دل سان تعريف ڪندي آهي.










