ڊاڪٽرن ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي 19گريڊ ۾ ترقي

ڊاڪٽرن ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي 19گريڊ ۾ ترقي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت 18گريڊ جي 80 ميڊيڪل آفيسرن کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عطا حسين، عبدالقادر، افضل احمد، منير سيهڙ، علي محمد جوڻيجو، پير محمد نياز، عبدالرئوف، عبدالخالق، آفتاب احمد، خير محمد شاھ، سريش ڪمار، خادم حسين، محمد اسماعيل سميت 80 ڊاڪٽرن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن. ٻئي پاسي  زراعت کاتي ۾ 18 گريڊ جي 19 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي 19ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ليمون ڪمار، عامر گوھر، انور پٺاڻ، ارباب کوکر، ذولفقار جاگيراڻي، شنڪر لال، عثمان جاگيراڻي، ريحان احمد، اللہ وسايو ڪليري، شير حسين چانڊيو، مصطفي ندراج، احمد ڏيپر، حسين اڄڻ، رئوف مگسي، عليم الله راجپوت، آغا طفيل، بشير ڪلھوڙو، قيوم راجپوت ۽ ممتاز اعواڻ کي 19 ھين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو