دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ سنگر ايان علي انسٽا گرام ۽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته هوءَ ڪافي نون منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جلد اهي مداحن جي سامهون پيش ڪيا ويندا. هن اهو ناهي ٻڌايو ته اهي ڪهڙا منصوبه آهن انهن ۾ ڪهڙا گانا شامل آهن. هن مداحن کي هيلو چوندي سندن خيريت پڇي به آهي. ايان علي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ جيل وئي هئي ۽ سندس نالو اي سي ايل م به داخل ڪيو ويو. جڏهن عدلاتي حڪم تي نالو اي سي ايل مان خارج ٿيو ته هو پرڏيهه هلي وئي هئي ۽ سندس غير موجودگي ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي پر هو غير حاضر رهي. يار رهي ته ايف آءِ اي هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته آصف علي زرداري جي اڪائونٽ مان بلاول ڀٽو ۽ ايان علي جي پرڏيهي دورن جي ٽڪيٽن جي خريداري ڪئي وئي هئي. هوءَ لکين ڊالر دبئي اسمگل ڪرڻ م به ملوث هئي جنهن بعد ميڊيا کيس ڪڏنهن ڊالر گرل ته ڪڏهن ڪرنسي گرل به لکندي رهي آهي.










