ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 204 رپيا مهانگو ٿي ويو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اضافو جاري آهي ۽ هڪ ڊالر 202.75 پئسا ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي قرض جي وصولي ۾ دير جي ناڪاري اثرن سبب ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي 204 رپيا ٿي ويو آهي.










