ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ اضافو جاري آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر به وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ رپيو 74 پئسا سستو ٿيڻ بعد 223 رپيا 90 پئسا ٿي ويو آهي.اٺين انٽر بئنڪ ڪاروباري سيشن ۾ ڊالر 15 رپيا 75 پئسا سستو ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج: ڪاروبار جي مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت طور تي ڪاروبار شروع ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 123 پوائنٽس وڌي 41473 تي پهچي ويو.










