ڊالر 278 رپيا 25 پئسا ٿي ويو، ايڪسچينج ۾ مثبت شروعات

ڊالر 278 رپيا 25 پئسا ٿي ويو، ايڪسچينج ۾ مثبت شروعات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 16 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 16 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 41 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 277 پوائنٽن جي واڌ سان 66 هزار 9 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 65,731 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو