ڇڪتاڻ واري صورتحال، سول ڊفينس کي فعال ڪرڻ جو فيصلو

ڇڪتاڻ واري صورتحال، سول ڊفينس کي فعال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جي تناظر ۾ سول ڊفينس کي هر لحاظ کان فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو.محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف سول ڊفينس جو دورو ڪيو ۽ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ شهرين لاءِ اڳواٽ انتظامن جو جائزو ورتو.گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ جنرل سول ڊفينس جو معائنو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته سول ڊفينس تنظيم جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ ڪنهن به غير متوقع صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون ڪيون وڃن.هن چيو ته شهرين لاءِ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ بابت آگاهي مهمون سڄو سال هلائڻ گهرجن.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ چالاڪ دشمن جي ڪا به حرڪت پري ناهي، ۽ ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي صورت ۾ سول ڊفينس تيار آهي.محسن نقوي مرڪزي ڊيسڪ ذريعي صوبائي سول ڊفينس کاتن سان رابطي ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته امن ۽ جنگ جي وقت ۾ سول ڊفينس جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو.انچارج سول ڊفينس عامر خان گهرو وزير محسن نقوي کي تنظيم بابت آگاهه ڪيو.بريفنگ ۾ چيو ويو ته تنظيم جي ذميوارين ۾ جنگ دوران مضبوط سول سپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ عوام جو حوصلو وڌائڻ شامل آهي.عامر خان جو چوڻ آهي ته امن جي وقت ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ شهرين لاءِ تربيتي پروگرام ۽ آگاهي سيشن منعقد ڪيا ويندا آهن. هر سال، ملڪ جي 10 سول ڊفينس ٽريننگ ادارن ۾ لڳ ڀڳ 250 ڪورس منعقد ڪيا ويندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو