ڇا سنڌ پوليس 2 روپوش گرفتار نه ٿي ڪري سگهي، چيف جسٽس

ڇا سنڌ پوليس 2 روپوش گرفتار نه ٿي ڪري سگهي، چيف جسٽس

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو) ام رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري سگهي. ام رباب چانڊيو جي گهروارن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿي.ام رباب چانڊيو عدالت کي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جا ٻئي ملزم  ايم پي ايز  آهن ۽ انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ، جوابدارن سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي حڪومت سنڌ طرفان ڪاروائي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته هڪ ڏوهاري کي ڊيل تحت پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي ، ملزمن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ زميندارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته آئون جڏهن عدالت ۾ وڃان ٿي ته وڏيرا منهنجو رستو روڪيندا آهن. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا سنڌ پوليس 2 مفرور گرفتار نه ٿي ڪري سگهي.سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ هڪ ٻئي مفرور ملزم مرتضيٰ چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ٻئي طرف ٽرپل قتل ۾ ملوث ملزم ذوالفقار چانڊيو کي سخت سيڪيورٽي هيٺ فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.سول جج ملزم ذوالفقار چانڊيو کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته قتل جي ڪيس ۾ فرار ٿيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.ياد رهي ته 17 جنوري 2018 تي دادو جي تعلقه ميهڙ ۾ چانڊيو برادري جي ماڻهن ام رباب جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ هڪ صبح سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري پهتو ته ام رباب ڳن جي گاڏي جو رستي اڳيان بيهي رهي ۽ وڊيو پڻ وائرل ٿيوهو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ٻه ڀيرا ام رباب جي فرياد تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو