چُوزن سان ڀريل مزدا تيز رفتاري سبب ڪلٽي

چُوزن سان ڀريل مزدا تيز رفتاري سبب ڪلٽي

مدئجي (نويد احمد) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مرزاپور بس اسٽاپ تي چوزن سان ڀريل مزدا مينهن کي ٽڪر هنيو، مزدا اسپيڊ ۾ هجڻ ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀلوڙ مينهن ۽

سوين چوزا به مري ويا جڏهن ته مزدا ڪلينڊر رضوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مدئجي اسپتال پهچايو ويو. ٻئي طرف مينھن جي مالڪ خادم جوڻيجو چوزن سان ڀريل مزدا پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. رابطو ڪرڻ تي خادم جوڻيجو ٻڌايو ته مينهون روڊ جي پاسي کان هلي رهيون هيون ته مزدا ڊرائيور اسپيڊ سان گاڏي هلائي رهيو هو جنهن سبب منهنجي ڀلوڙ مينهن مري وئي آهي گاڏي جا مالڪ جيستائين مونکي ميـنھن جي رقم ڀري نه ڏيندا مزدا پاڻ وٽ بيھاريندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو