ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اوپن اي آءِ (OpenAI) ايندڙ وقت ۾ چيٽ جي بي ٽي، تي بالغن لاءِ سيڪس ۽ رومانس بابت مواد به شيئر ڪيو ويندو. ڪمپني جي سربراهه سيم الٽمين ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته بالغ صارفين لاءِ رومانوي (Erotica) مواد به شامل آهي، جي اجازت ڏيندو. هي قدم ان پاليسي جو حصو آهي ته ”بالغ استعمال ڪندڙن سان بالغن جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي.“ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ورزن ۾ ChatGPT وڌيڪ انساني طرز واري گفتگو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ٿيندو “پر صرف تڏهن ٿيندو، جڏهن توهان پاڻ اهو چاهيو. هي قدم ايلون مسڪ جي ڪمپني xAI جي اُن فيصلي سان مشابهت رکي ٿو جنهن تازو ئي ٻه جنسي نوعيت وارا چيٽ بوٽ “Grok” ۾ متعارف ڪرايا هئا. تجزيه ڪار چئي رهيا آهن ته اهڙو قدم OpenAI کي وڌيڪ ادائگي ڪندڙ صارف (paying subscribers) حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ساڳئي وقت، اهو قدم قانون سازن تي به دٻاءُ وڌائيندو ته اهي چيٽ بوٽن جي مواد ۽ استعمال بابت وڌيڪ سخت ضابطا (regulations) لاڳو ڪن. هي اعلان ان وقت ٿيو آهي جڏهن هن سال جي شروعات ۾ هڪ آمريڪي ڇوڪري جي والدين ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ الزام هو ته ChatGPT سان ڳالهائڻ کان پوءِ سندن پٽ خودڪشي ڪئي. ڪيلفورنيا جي هن جوڙي چيو ته OpenAI جا پيرنٽل ڪنٽرولز ڪافي سخت نه هئا، جيتوڻيڪ ڪمپني چيو ته اهي “صحت مند استعمال” لاءِ ٺاهيا ويا هئا. 16 سالن جي ايڊم رين جي موت کان پوءِ سندس والدين چيٽ لاگز پيش ڪيا، جن ۾ هو ChatGPT کي ٻڌائي رهيو هو ته هن کي خودڪشي جا خيال اچي رهيا آهن. آلٽمن چيو ته ڪمپني اڳ ۾ ChatGPT کي “گهڻو محدود” رکيو هو ته جيئن ذهني صحت بابت احتياط ڪيو وڃي. پر هاڻي، هن چيو ته اسين خطرا گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ نوان ٽولز ٺاهيا آهن، جن سان اسان محفوظ طريقي سان گهڻن حالتن ۾ پابنديون نرم ڪري سگهون ٿا. آلٽمين چيو ته ايندڙ ڊسمبر ۾ جڏهن عمر جي تصديق واري پاليسي لاڳو ڪنداسين ته بالغن لاءِ اسين رومانوي مواد جي اجازت به ڏينداسين.










