چين ۾ پڙهندڙ ميڊيڪل جو شاگرد گهر پهچي ويو، وارث خوش

چين ۾ پڙهندڙ ميڊيڪل جو شاگرد گهر پهچي ويو، وارث خوش

ٺل(عبدالنبي شيخ) ڳوٺ دينپور جو رهواسي چين جي شهر ٺياجن ۾ ڦاٿل ٺل واسي ميڊيڪل جو شاگرد غلام مرتضي ڊول پاڪستان پهچي ويو، ڪراچي جي ايئرپورٽ تي پاڪستان پهتل شاگرد جي اسڪريننگ ڪرڻ بعد گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. شاگرد غلام مرتضي ڊول جي گهر پهچڻ تي گهرڀاتي خوشي ۾ گلن جا هار پارايا ۽ والد  غلام ياسين پاران پٽ کي گلن جي ورکا ڪندي خوشي ۾ لڙڪ لاڙي ويٺو. ان موقعي تي گهر پهتل ميڊيڪل جي شاگرد غلام مرتضي ڊول چيو ته چين جي شهر ٺياجن جي يونيورسٽي ميڊيڪل جو شاگرد آهيان اسان جي شهر ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس واقع نه ٿيو هو مون کي يونيورسٽي کان موڪلون مليون ته پاڪستان پهتو آهيان چين ۾ اچڻ وقت منهنجي اتي به اسڪريننگ ڪئي وئي ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي به ٻيهر اسڪريننگ ڪرڻ بعد مون کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هن چيو ته چين ۾ ڪرونا وائرس خطرناڪ بيماري آهي جنهن ڪري منهنجي پاڪستاني حڪومت کي اپيل آهي ٿه چين ۾ ڦاٿل ٻين شاگردن کي واپس گهرائڻ ۾ حڪومت مدد ڪري. ٻئي طرف شاگرد جي والد غلام ياسين ڊول چيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجو پٽ گهر پهتو آهي پاڪستاني حڪومت کي اپيل آهي ته چين ۾ ڦاٿل ٻين شاگردن کي به محفوظ نموني سان واپس پاڪستان گهرايو وڃي ته جيئن هنن جي گهر ۾ خوشيون اچي سگهن. واضح رهي ته ٺل جي باءِ پاس جو رهواسي ميڊيڪل جو شاگرد بدرالدين سرڪي بدستور چين جي شهر جنگزو ۾ ڦاٿل آهي جنهن جي واپسي لاءِ پاڪستان سرڪار ڪوبه عملي قدم نه کڻي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو