نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ چين هڪٻئي تي اڳرائي ۽ ڇڪتاڻ وڌائڻ جا الزام لڳايا آهن. سومر تي صبح جو ڀرت جاري ڪيل بيان ۾ چين تي ڇڪتاڻ وڌائڻ جو الزام هڻندي چيو هو ته فوجي ۽ سفارتي سطح تي طئي ٿيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي چين چڙ ڏياريندڙ سرگرميون ڪري پيو. ڀارتي پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 ۽ 30 آگسٽ جي وچ واري رات لداخ لڳ ٻنهي ملڪن جي فوجن ۾ جهڙپ ٿي آهي. لداخ جي پينگونگ سو ڍنڍ جي ڏاکڻي پاسي چيني فوج جي پوزيشن تبديل ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي. بيان موجب ڀارتي فوج پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪندي چين پارن هڪطرفي طور حقيقتون مٽائڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي. شام جو چين جي فوجي ترجمان ۽ پرڏيهي کاتي جري ترجمان ڌار ڌار بيانن ۾ ڀارت تي اڳرائي جو الزام هڻندي چيو ته ڀارتي فوج 4200 ميٽر چيني سرحد اندر داخل ٿي جنهن کي واپس ڪيو ويو. ياد رهي ته هي خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ۽ سفارتي سطح تي ڳالهيون هلندڙ آهن. ياد رهي ته جون ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجن ۾ پينگونگ ڍنڍ جي اترين پاسي گلوان وادي ۾ جهڙپ ٿي هئي جنهن ۾ 20 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا ۽ 75 فوجي زخمي ٿيا هئا. ان جهڙپ ۾ ڪنهن به گولي نه هلائي هئي پر ڏنڊن ۽ سنگينن سان هڪ ٻئي کي نشانو بڻايو ويو هو. چين ڀارتي بيان تي ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو.










