بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي مختلف شهرن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب پابنديون سخت ڪيون ويون آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب شنگهائي ڊزني ريزارٽ کي ڪورونا وائرس جي رپورٽ ٿيل ڪيسن سبب عارضي لاڪ ڊائون کانپوءِ بند ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسٽورٽ ۾ موجود ماڻهو ان صورت ۾ ئي ٻاهر نڪري سگهندا جڏهن سندن ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري ايندي.چين جي علائقي ميڪاو ۾ به ڪورونا وائرس جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جي ڪري ٻيهر پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.ميڪو ۾ اڄ کان 7 لک شهرين جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ شروع ٿي وئي آهي.










