چين جي ڌمڪي، نينسي پيلوسي جو دورو شروع

چين جي ڌمڪي، نينسي پيلوسي جو دورو شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) چين جي سخت وارننگ بعد آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پيلوسي آچر تي چار ايشيائي ملڪن جو دورو شروع ڪيو آهي. سندس آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب هوءَ سنگاپور، ملائيشيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جو دورو ڪندي” سندس دوري بابت آيل خبرن ۾ چيو ويو هو ته هوءَ خودمختار ٻيٽ تائيوان جو به دورو ڪندي. جنهن تي چين سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو هو ته تائيوان سندن رياست جو حصو آهي ۽ آمريڪا باهه سان کيڏڻ بند ڪري. چين چيو هو ته نينسي پيلوسي جي تائيوان جي دوري دوران چين تائيوان تي حملو به ڪري سگهي ٿو. چين جو جنگي ٻيڙو تائيوان طرف رونو به ٿيو آهي. سرڪاري طور تي آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر، جيڪا آمريڪي صدارتي اميدوار به آهي، تنهن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هوءَ تائيوان جو دورو ڪري سگهي ٿي ۽ ا جو فيصلو هوءَ پاڻ ڪندي. هن سان ڪانگريس جو وفد به گڏ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو