ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن تحت حڪومت طرفان جاري ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ ان سان گڏوگڏ سامان به ضبط ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ضلعي انتظاميه پاران لڳايل بچت بازارن جو دورو ڪرڻ بعد ڪيو. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ سان گڏ گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، شاهه فيصل ۽ ڪوٺاري پريڊ ڪلفٽن ۾ لڳايل بچت بازارن جو دورو ڪيو. چيف سيڪريٽري سنڌ بچت بازارن ۾ لڳايل اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ اسٽالن تي موجود سامان جي معيار جو جائزو ورتو ۽ قيمتون معلوم ڪيون. ان دوران هن مارڪيٽ ۾ موجود خريدارن کان شين جي قيمت ۽ معيار بابت پڻ پڇيو. ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورن تعلقن ۾ بچت بازارون لڳايون آهن، مان اڄ 4 بچت بازارن جو دورو ڪيو آهي، بچت بازارن ۾ رش گهٽ آهي، عوام کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بچت بازارن ۾ مارڪيٽ کان سستي اگهه تي سامان فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. صرف رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 50 لک رپيا ڏنڊ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڏينهن ۾ 18 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي. هن چيو ته اٽي جي قيمتن تي ضابطو آندو آهي، سڀاڻي کان اٽي جو وڌيڪ مقدار هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري ڏنڊ جي حد هڪ لک رپيا مقرر ڪئي آهي. منافعي خورن جو سامان قبضي ۾ وٺي سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. اسان نئين قانون تحت پرائس ڪنٽرول آفيسرن جو انگ پڻ وڌايو آهي، صرف ڪراچي ۾ وڌيڪ 98 سيڪشن آفيسرز پرائس ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا آهن.










