لاهور (ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان عهدي جو حلف کڻي ورتو.گورنر پنجاب محمد بليغ الرحمان چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد کان حلف ورتو.تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان شرڪت ڪئي.ان کان علاوه جسٽس عاليه نيلم، جسٽس شاهد ڪريم، جسٽس شاهد بلال، جسٽس فاروق حيدر به حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ جسٽس شهباز رضوي، جسٽس علي باقر نجفي، ڊپٽي اٽارني جنرل رفاقت ڊوگر ۽ سينيئر وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس عهدي جو حلف کڻڻ بعد گورنر هائوس کان سپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.










