اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان چيف جسٽس سميت 8 ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 209 ۽ ججن جي ضابطه اخلاق جي سيڪشن 3 کان 6 ۽ 9 تي ٻڌل آهي.ريفرنس ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کان علاوه جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد جا نالا شامل آهن.ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته منظور ٿيل بل کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري پارليامينٽ جي اختيارن کان تجاوز ڪيو ويو، پارليامينٽ جي بل جي ٻڌڻي لاءِ 8 رڪني غير آئيني بينچ جوڙي وئي.ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو عدالتي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.ججن خلاف ريفرنس جي ڪاپي جسٽس فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس منصور کي موڪلي وئي آهي، جڏهن ته ريفرنس جي ڪاپي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي به موڪلي وئي آهي.










