چونڊن ۾ سياسي ڀرتين کي استعمال ڪيو ويندو: حافظ نعيم

چونڊن ۾ سياسي ڀرتين کي استعمال ڪيو ويندو: حافظ نعيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سياسي ڀرتين کي استعمال ڪيو ويندو.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پ پ جا ڀرتي ڪيل عملدار اليڪشن ڪميشن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن.هن چيو ته هو اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته تڪ بندين واري معاملي تي اڳ به دھاندلي ٿي چڪي آهي.هن چيو ته غير منصفانه تڪ بنديون ۽ ووٽنگ لسٽون حڪومتي دٻاءَ ۾ تيار ڪيون ويون آهن.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته شهر ۾ برساتي پاڻي جي نالن جي صفائي نه ٿي آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي جي مدد ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو